”پيءُ جي حياتي کي خطرو آهي“، عمران خان جي پٽ قاسم جي ڪارڪنن کي اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته 27 سيپٽمبر تي اعلانيل احتجاج دوران اڊيالا جيل ٻاهران ڪو مظاهرو نه ڪن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ قاسم خان چيو ته کيس عوام کي اپيل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 27 سيپٽمبر تي اڊيالا جيل ڀرسان مارچ يا احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته کيس ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته ان احتجاج کي جواز بڻائي اسٽيبلشمينٽ جيل تي ”جوابي“ حملو ڪري سگهي ٿي، جتي سندس والد قيد آهي، جنهن سان سندس حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
قاسم خان اپيل ڪئي ته ڪارڪنن کي اهڙو ڪو موقعو يا بهانو نه ڏيڻ گهرجي، جنهن جي آڙ ۾ احتجاج دوران سندس والد سان ڪو حادثو پيش اچي.
ياد رهي ته تحريڪِ انصاف طرفان 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ جي ڪال ڏني وئي آهي.
مارچ کان اڳ ئي مقامي انتظاميا شهر جي اچ، وڃ ۽ اهم رستن تي سوين ڪنٽينر آڻي رکيا آهن، جن کي ضرورت پوڻ تي منتقل ڪري رستا بند ڪيا ويندا.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گذريل جمعي تي پريس ڪانفرنس دوران واضح ڪيو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي تناظر ۾ ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
اسلام آباد پوليس موجب، ريڊ زون، جنهن ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو کانسواءِ وزيراعظم هائوس، ايوان صدر، پارليامينٽ هائوس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ سميت ٻيون اهم عمارتون موجود آهن، کي 27 سيپٽمبر کان اڳ مڪمل طور سيل ڪيو ويندو.

You might also like