اياز لطيف پليجي جو ڪتاب "نئين سنڌ جا خواب” هڪ جائزو

احمد پتافي

سنڌي قوم کي شعوري طور سجاڳ ڪرڻ لاءِ اياز لطيف پليجو ” نئين سنڌ جا خواب” جي عنوان سان بهترين ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب "نئين سنڌ جا خواب” جو مواد سنڌ ۾  قومي مسئلا ۽ سياسي آئيني حل آهي، هن ڪتاب ۾ نوجوانن لاءِ روزگار ۽ بنيادي مسئلن جو حل لکيو ويو آهي هِي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ شعور رکندڙ نوجوان پاڻ کي ڪمزور نه سمجهندو. هن ڪتاب ۾   سنڌ جي سياسي ثقافتي تاريخي ڄاڻ، وطن سان عشق، ڌرتي جي دانهن، سنڌي قوم جا ڏُک سور داستان سمايل آهن.

هن ڪتاب ۾ نظرياتي حوالي سان نوان خيال ڏنا ويا آهن جيئن نوجوان پريشان ٿي دل شڪسته نه ٿين. نوجوان پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ڏينهن رات جستجو ڪندا رهن. ھي ڪتاب سياسي، قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ سان سرشار آهي، هن ڪتاب ۾ محبت جو نرالو انداز به آهي، نياڻين لاءِ مذهبي آئيني حق به آهن، ماضي جي سياسي غلطين ۽ حال ۾ انهن غلطين جو حل به آهي. اياز لطيف پليجو سنڌ واسين لاءِ ڪتاب "نئين سنڌ جا خواب” جهڙو شاندار تحفو پيش ڪري قومي فرض نڀايو آهي.

ڪتاب جي هر مضمون ۾ تجسس ڀريل آهي، شروع کان آخر تائين ڪتاب پڙهندڙ کي پنهنجي طرف مائل ڪري ٿي. عالمي ڄاڻ جي حوالي سان به هي ڪتاب شاندار آهي، دنيا ۾ جنگين جي ڪري جيڪي قومون تباھ ٿيون هيون انهن قومن محنت ڪري ٿوري وقت ۾ پاڻ کي ڪيئن مڃايو آهي ان جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ اياز لطيف پليجو صاحب عالمي سياست تي به بهترين ڄاڻ ڏني آهي. سنڌي قوم جي نفسيات ۽ امڪاني صورتحال کي ڏسي وقتائتا موضوع لکيا ويا آهن. جيڪي واقعا خيال اياز لطيف پليجو هن ڪتاب ۾ چونڊ ڪيا آهن اهي واقعا اسان جي سماج ۾ روز جا معمول بڻجي ويا آهن.  هي ڪتاب ماضي حال ۽ مستقبل جي صورتحال کي سمجهي لکيو ويو آهي هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته ماضي ۾ سنڌي قوم ڪهڙيون غلطيون ڪيون هيون، ڇا اسين حال ۾ به ساڳيون غلطيون ورجهائي رهيا آهيون، ايندڙ نسل جي مستقبل لاءِ ڪهڙي پلاننگ ڪرڻ گهرجي.

هن ڪتاب جا 216 صفحا آهن هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هِن پهريون مضمون ” وسيلن تي ڌاڙو ۽ سنڌين جي نسل ڪُشي” جي عنوان سان لکيو آهي. حقيقت ۾ جڏھن کان ملڪ پاڪستان ٺهيو آهي ان ڏينھن کان سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو شروع ڪيو ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين به جاري آهي، سنڌ جي وسيلن کي کپائڻ ۾ اسان جا سنڌي، اقتدار خاطر اسٽيبلشمينٽ ۽ سامراج جا ٻانهن ٻيلي آهن. سنڌين جي نسل ڪُشي ضياءُالحق جي دور کان جاري آهي، اڄ به ڪراچي ۾ سنڌي جوان ماريا وڃن ٿا جنهن جو ڪو تدارڪ نه ٿيندو آهي. هن مضمون ۾ اياز لطيف پليجو صاحب لکيو آهي ته ” سنڌ جو پيٽرول گيس ڪوئلو قبضو ڪري ويا آهن هاڻ اربين کربين روپين جون زمينون ٻيٽ ٻيلا ۽ جبل نشاني تي آهن”. جنهن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي. ٻيو  مضمون ” روشن مستقبل خاطر ڇا پڙهجي ۽ ڇا سکجي” جي عنوان سان لکيو ويو آهي، هن مضمون ۾ به اياز نوجوانن لاءِ هڪ سٺو پيغام ڏنو آهي.

You might also like