سنڌ جي وحدت لاءِ سنڌي قوم کي هڪ طاقت ٿيڻو پوندو

محمد احسان لغاري

محترم نصير ميمڻ جو سوشل ميڊيا تي  چيل جملو ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏ نماز به نٿا پڙهن، اهي سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه تي گڏجي وڃن ٿا اھو جملو رڳو طنز ناهي؛ ان ۾ اسان جي موجوده سياسي صورتحال کي سمجھڻ لاءِ ڄڻ آئينو آھي. جيڪي ماڻهو عقيدي، مسلڪ،فرق،  سياست ۽ نظريي ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن، اهي سنڌ جي ورهاڱي جي سوال تي ٻِلکڙن ۽ چُرن مان ڪڍي ھڪ  هنڌ  تي گڏ ڪيا وڃن؛ ته  پوءِ سنڌ واسين کي به پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇڻ گهرجي: جيڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه تي مختلف ڌرين کي گڏ ھڪليو وڃي پيو، ته سنڌ کي گڏ رکڻ جي سوال تي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اختلافن کان مٿانهان ٿي گڏ ڇو نٿا ٿي سگهن؟

اڄ سنڌ جي چوڌاري نيون ڪوڙڪيون اڏيون پيون وڃن. انتظامي سهولت جي نالي ۾ نون انتظامي يونٽن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي سنڌ جي وچ ۾ فرق کي سياسي طور وڌائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ مختلف مفادن کي سنڌ جي وحدت جي سوال سان ڳنڍيو پيو وڃي. ڳالهه رڳو سياسي اسٽيجن يا ٽيليويزن جي بحثن تائين محدود ناهي؛ اهڙا آواز انهن علائقن تائين به پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جتي سنڌ جي ورهاڱي کي تاريخي طور تي قبوليت نه ملي آهي. پر هن سڄي صورتحال کي رڳو خطري جي نظر سان ڏسڻ به درست نه ٿيندو. سنڌ جواب ڏنو آهي. سنڌ اٿي بيٺي آهي. شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ آواز اٿيا آهن، سياسي ۽ سماجي حلقن مزاحمت ڪئي آهي، وڪيلن، دانشورن ۽ سول سوسائٽيءَ پنهنجو موقف ڏنو آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ به پنهنجي آئيني حيثيت ۾ چٽو موقف اختيار ڪيو آهي. تحرُڪ موجود آهي، عوامي ردعمل سامھون آهي ۽ اھو سڀ ڪجھ جمھوري، آئيني ۽ ھڪ مضبوط پاڪستان جي نظريي تحت ٿي رھيو آھي.

سنڌ جي ھن آئيني آواز ۽  سَڏَ  کي وڌيڪ مضبوط، وسيع ۽ غيرمعمولي ٻڌي ۽ ايڪي ۾ تبديل ڪرڻ جي  ضرورت آھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين ڳالهه بلڪل صاف ۽ ھر ڳالهھ جو بنياد  هئڻ گهرجي: سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي.

اھو اسان جي بحث جي پڄاڻي نه پر ، شروعات آهي. هاڻي اچو ته سنڌ  ۽ پاڪستان جي حڪمرانيءَ بابت ڳالهه ڪريون. اچو ته ڪراچيءَ سميت وڏن شھرن جي مڪاني اختيارن بابت ڳالهه ڪريون. اچو ته غريب سنڌ جي محرومين، وسيلن جي ورڇ، پاڻي، نمائندگي، روزگار، تعليم، صحت، ٻولي ۽ ثقافت بابت ڳالهه ڪريون. اچو ته حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪريون، ادارن کان سوال ڪريون ۽ نئين پاليسين جو مطالبو ڪريون. پر ها، هر ڳالهه ان کان پوءِ ٿيندي ته سنڌ ھڪ آھي. اسان واري ڳالهھ بنهھ سولي، چٽي ۽ صاف آھي: سنڌ جي وحدت پاڻ ڪنهن سوديبازيءَ جو موضوع نه آهي.

هي فرق سمجهڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي وحدت جو بچاءُ ڪرڻ ڪو  سنڌ جي ھلندڙ سياسي نظام کي مقدس قرار ڏيڻ ناهي. اهو حڪومت جي هر ڪم جي پٺڀرائي  ڪرڻ يا مڃتا ناهي. اهو خانداني سياست، ڪمزور حڪمراني، ادارن جي ھيڻائپ، وسيلن جي غلط ورڇ يا عوامي محرومين کي نظرانداز ڪرڻ به ناهي. ان جي ابتڙ، هڪ گڏيل سنڌ اندر انهن سڀني مسئلن تي وڌيڪ مضبوط نموني بحث ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن لاءِ سياسي ۽ انتظامي سڌارن جو مطالبو ڪري سگهجي ٿو.

ٻڌي  جو مطلب به اهو ناهي ته سڀ ماڻهو هڪ ئي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃن، هڪ ئي اڳواڻ کي مڃين يا پنهنجي سياسي اختلافن کي ختم ڪري ڇڏين.  ان جو مقصد اِھو پڻ آھي ته  وڏن شھرن  جي حقن جي  گهر ڪرڻي آھي؛  ٻھراڙي جي   پنهنجي محرومين جا سوال اٿارڻا آھن۔  سياسي پارٽيون هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون رھن ۽ حڪومت تي تنقيد ٿيندي رھي. اختلافَ جمهوريت جي ضرورت آهن. پر اختلافن جي به هڪ حد هوندي آهي. اسان سنڌ جي حڪمرانيءَ تي اختلاف ڪري سگهون ٿا؛ ۽ ڀرپور نموني ڪندا رھيا آھيون؛ پر سنڌ جي وجود کي پنهنجي اختلافن جي قيمت نٿا بڻائي سگهون.

جيڪڏهن ڪراچيءَ جو مسئلو مڪاني حڪومت آهي ته مڪاني حڪومت کي مضبوط ڪريو. جيڪڏهن پاڻي، نيڪال، ٽرانسپورٽ ۽ شهري خدمتون ناڪافي آهن ته انهن کي بهتر ڪريو. جيڪڏهن صوبي ۾  غربت، بيروزگاري، تعليم، صحت ۽ ترقيءَ جي اڻبرابري جو مسئلو آهي ته ان لاءِ وسيلا ۽ بهتر پاليسيون ڏيو. جيڪڏهن نمائندگيءَ جو مسئلو آهي ته نمائندگيءَ جو نظام بهتر ڪريو. پر حڪمرانيءَ جي ناڪاميءَ جو علاج جاگرافيءَ کي ٽوڙڻ ناهي.

 آخر نئون نقشو پاڻمرادو ڇا تبديل ڪندو؟ نئين سرحد پاڻي پيدا نٿي ڪري. نئون سيڪريٽريٽ روزگار پيدا نٿو ڪري. نئون انتظامي يونٽ غربت ختم نٿو ڪري. درياهه ساڳيو رهندو، زمين ساڳي رهندي، سامونڊي پٽي ساڳي رهندي، قدرتي وسيلا ساڳيا رهندا ۽ معاشي مسئلا به ساڳيا رهندا. تبديل ٿيندي رڳو سياسي طاقت، وسيلن ۽ حقن جي دعويداريءَ جو ڍانچو. تنهن ڪري جيڪڏهن مسئلو حڪمرانيءَ جو آهي ته حل به حڪمرانيءَ ۾ ڳولڻ گهرجي، اھو حل جاگرافيءَ کي نئين سر ليڪن جي ور چاڙھڻ  ۾ ناھي.

سنڌ جي وحدت کي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي تڪرار طور پيش ڪرڻ به هن بحث کي غيرضروري طور محدود ڪري ٿو. سنڌ ڪيترين ٻولين، مذهبن، ثقافتن ۽ برادرين سان گڏ رهندڙ ماڻهن جو گڏيل گهر آهي. ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ خاندان، ٿر جو هاري، ابراهيم حيدريءَ جو مهاڻو، ڪوهستان جو مالوند، حيدرآباد جو واپاري ۽ لاڙ جو آبادگار پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جون مختلف حقيقتون رکن ٿا، پر سندن معيشت، ماحول، وسيلن ۽ مستقبل جا ڪيترائي رشتا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.

جيڪي ماڻهو گڏ نماز نٿا پڙهن، اهي به گڏ رهن ٿا. شهرن ۾ ڪاروبار گڏ هلن ٿا، بازارون گڏ آهن، يونيورسٽيون گڏ آهن، اسپتال گڏ آهن، روزگار جون منڊيون گڏ آهن ۽ روزاني زندگيءَ جا بي شمار رشتا گڏ آهن. ان ڪري سنڌ جي وحدت جو مطلب هڪجهڙائي ناهي. اتحاد اختلاف ختم ڪرڻ جو نالو ناهي؛ اختلافن جي باوجود گڏ بيهڻ جو نالو آهي. سنڌ جي وحدت ڪنهن هڪ قوم، ٻولي، مذهب يا سياسي پارٽيءَ جي ملڪيت به ناهي. اردو ڳالهائيندڙ سنڌيءَ کي اهو چوڻ جو حق آهي ته سنڌ منهنجو گهر آهي، ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ کي ان ڳالهه کي خطرو نه، پر پنهنجائپ سمجهڻ گهرجي. سنڌ جو هندو شهري، ڪراچيءَ جو مزدور، ڪاڇي جو هاري، ريڙھي ۽ منڇر  جو ملاح، ۽ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهو هن گڏيل سياسي گهر جا حصا آهن. وحدت جو مطلب ڪنهن کي ٻاهر ڪڍڻ نه، سڀني کي گڏ رکڻ آهي.

پاڻيءَ جي سوال ۾ اها حقيقت وڌيڪ چٽي نظر اچي ٿي. سنڌو درياهه کي انتظامي حدن جي خبر ناهي. ٻوڏ سرحدون نٿي مڃي، پاڻيءَ جي کوٽ به ڪنهن نئين لڪير تي بيهي سُن نٿي ٿئي، لٽ پنهنجي وهڪري سان سفر ڪري ٿي ۽ سامونڊي لوڻياٺ ڊيلٽا ڏانهن وڌي ٿي. ڪينجھر جي پالوٽ ۾ ڄڻ سڄي ڪراچي جو پاڻي آھي۔ ڪراچيءَ جو مستقبل، پوري سنڌ جي زراعت ۽ سنڌو ڊيلٽا جي بقا هڪ ئي پاڻيءَ جي نظام سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن درياهه گڏيل آهي، ماحولياتي نظام گڏيل آهي ۽ معيشت جا رشتا گڏيل آهن ته پوءِ سياسي آواز کي ورهائي ڪمزور ڪرڻ جو نقصان به سڀني کي ٿيندو. سنڌ جي وحدت جو بچاءُ سنڌ اندر سڌارن جي مخالفت نه، بلڪه انهن لاءِ وسيع سياسي جاءِ جي حفاظت آهي. هڪ مضبوط سنڌ ئي مضبوط مڪاني حڪومت، منصفاڻي وسيلن جي ورڇ، بهتر ادارن، وڌيڪ شفاف حڪمراني ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ وڏي سياسي جاءِ پيدا ڪري سگهي ٿي. سنڌ کي ورھائڻ  بدران سنڌ کي بهتر ڪرڻ ئي اصل سوال هجڻ گهرجي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر سهڻيءَ ۾ هڪ اهڙو استعارو آهي، جيڪو اڄ جي صورتحال کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو. سهڻيءَ جي چوڌاري دھشت وارو  دريا، پاتال تائين پھچائيندڙ ڪُنَ  ۽ واڳن جا ولر آهن، پر سندس سڀ کان وڏي بي وسي ان وقت شروع ٿئي ٿي، جڏهن ڪچو مٽيءَ جو گهڙو/دلو  پاڻيءَ ۾ پساھ پور ڪندي، ڀڄي ڀور ڀور ٿئي ٿو. ٻاهرين خطرا پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن سهارو اندر کان ڪمزور ٿي وڃي ته سهڻي پاڻ وڃائي ٿي  ويھي۔ : گھڙو ڀڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛۔۔ مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سھڻي!

اڄ سنڌ جي چوڌاري به ڪيترائي واڳون پنهنجي پنهنجي مفادن سان گهمي رهيا آهن. پر سنڌ جو اصل سهارو سندس پنهنجي وحدت آهي. جيڪڏهن پنھنجن تڪرارن کي ايترو وڌڻ ڏنو وڃي، جو گڏيل سياسي ۽ آئيني  گهر ئي ڪمزور ٿي وڃي، ته پوءِ ٻاهرين دٻاءَ کي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿيندو. ان ڪري سنڌ کي آئيني طور بنھ صاف لکيل سنڌ جي وحدت  لاءِ ٻڌي گھرجي ۽ ٻيا  اختلاف ۽ تڪرار ڀلي ھلندا رھن؛ ان اتحاد يا ٻڌي جي معني  هڪجهڙائي نه، گڏيل بنياد آھي ۽ اھو ئي گھرجي ٿو. اسان کي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙن سان نفرت جي ٻوليءَ ۾ نه، پر هڪ صاف، آئيني ۽ قانوني بنيادن تي، مضبوط ۽ پرامن سياسي يقين سان ڳالهائڻو آهي: سنڌ جا مسئلا حل ڪريو، سنڌ کي نه ورهايو. ڪراچيءَ کي حق ڏيو، ٻھراڙين کي ترقي ۽  انصاف ڏيو، حڪمراني بهتر ڪريو، ادارا مضبوط ڪريو.

سنڌ جي وحدت ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو منشور ناهي. اها ڪنهن هڪ اڳواڻ جو نعرو ناهي. اها ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو مطالبو ناهي. اها ان هر ماڻهوءَ لاءِ گڏيل سياسي جاءِ آهي، جيڪو سنڌ اندر پنهنجي حق، پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي مستقبل بابت ڳالهائڻ چاهي ٿو. سنڌ پنهنجو جواب آئيني طريقي سان اسيمبلي وسيلي ڏئي چڪي آهي. سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. اھو ئي پاڪستان جي پائيدار ۽ روشن پاڪستان جو دليل آھي۔

You might also like