سائين امر جليل سان گهڻي ويجهڙائي هجڻ باوجود ان ڳالهه جي پڪ ناهي هوندي ته هو ڪھڙي گذارش کي قبول ڪندو ۽ ڪھڙي انگل تي ٺُپ جواب ڏيندو. ڪڏھن اھڙي آري کي به پلَ ۾ سوئيڪار ڪري منھنجي مرضيءَ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ ريسپانس ڏيندو، جنھن لاءِ بظاھر لڳندو ئي ڪونه ته هو مڃيندو ۽ ڪڏھن ڪنھن معمولي ڳالهه تي نهڪر ڪري ته کائنس ’ها‘ ڪير ڪرائي! انڪري سائين هن وقت تائين منھنجن تمام گهٽ ريڊيي ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته بنيادي طور سائين ماڻهن جي آڏو اچڻ ۽ ڳالهائڻ جي معاملي ۾ شرميلو آهي. جيتوڻيڪ ’پبلڪ اسپِيچ‘ طور جڏھن به ڳالهائيندو آهي ته ماڻهن جي دل وٽان ڳالهائي هزارين دليون کٽندو آهي، پر گهٽ سيشنس ۽ ٽي وي ريڊيو پروگرامن لاءِ ها ڪندو آهي. ’سنڌ ٽي ويءَ‘ جي پروگرام ”ڪلاس روم“ کي مستقل طور ڪرڻ لاءِ کين ڪيئن راضي ڪيو ويو هو، خدا کي خبر!
سائين امر جليل کان انٽرويو وٺڻ جي پھرين ناڪام ڪوشش مون اسلام آباد ۾ تڏھن ڪئي هئي، جڏهن اسان يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري زماني ۾، 90ع واري ڏھاڪي دؤران، اڳوڻي ’يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن‘ (يُو جِي سيءَ) پاران منعقد ٿيندڙ مباحثن جي مقابلن ۾ هر سال پنھنجي يونيورسٽيءَ جي نمائندگي ڪرڻ ويندا هئاسين ۽ تن ڏينھن ۾ سائين امر جليل، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل هو ۽ انهن مباحثن ۾ خاص طور انگلش ڊبيٽس ۾ مُک جج طور موجود هوندو هو. چانھه جي وقفن دؤران رڳو اسان ئي نه پر سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورين يونيورسٽين جا شاگردَ ساڻس ملندا هئا ۽ تصويرون ڪڍرايندا هئا، آٽوگراف وٺندا هئا. پر ٻين جي ڀيٽ ۾ مان بابا توڙي چاچن جي حوالي سان سندس ويجهڙائيءَ سبب ٻين جي ڀيٽ ۾ سائينءَ جِي وڌيڪ ’لِفٽ‘ ميڙي ويندو هئس ۽ سائين مونکي وڌيڪ ريسپانس توڙي وقت ڏيندو هو ۽ ساندھه ٽي ڏينھن هر سال هلندڙ انهن لڳ ڀڳ پوري ڏينھن جي تقريبن ۾ چانھه جي وقفن دؤران سائينءَ سان خوب ڪچھري ٿي ويندي هئي. انهن ئي سالن دؤران هڪ سال مون اهي چند ڏينھن اسلام آباد ۾ رھائش دؤران سائينءَ سان ڪنھن شام سندس گهر فون ڪري تفصيلي ڪچھري ڪئي ۽ کيس انگل ڪيم ته روزانو آڊيٽوريم ۾ ميڙ ۾ ته ملون ٿا، پر هنن ڏينھن ۾ جيڪر وقت ڏيو ته مان ڪنھن شام گهر اچي اوهان سان مِلان ۽ اوهان جو آڊيو ۾ انٽرويو ريڪارڊ ڪيان. (اِهو اُهو زمانو هو، جڏھن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان اڳ مان ريڊيي تي پروگرام ڪرڻ شروع ڪري چڪو هئس) سائينءَ چيو: ”تون منھنجي گهر لک دفعا اچ! ڪچھري ڪر! پر انٽرويو ريڪارڊ ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪر! تون مونکي سوال لکي ڏي. مان ان جا جواب لکي توکي خط ۾ موڪليندس! پوءِ اهو انٽرويو ڀلي تون ڪنھن رسالي ۾ پنھنجي نالي سان ڇپرائي ڇڏجانءِ! پر ڳالهائڻ ۾ مان ڪڏھن ڪڏھن اهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو وڃان، جو بعد ۾ وضاحتون ڏيڻيون ٿيون پئجي وڃن ۽ پوءِ مان شرمندو ٿو ٿيان. انڪري اها انٽرويو ريڪارڊ ڪرڻ واري ڳالهه نه ڪر!“ سائينءَ ان زماني ۾ اهو انڪار انڪري به ڪيو هوندو جو کيس اندازو هوندو ته هي نؤخيز، نؤ عمر مونکان ڇا انٽرويو وٺندو، تنھنڪري مبادا هنن منھنجي علمي استطاعت تي اک نه ٻُڏڻ ڪري مونکي انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي!
مونکي ياد آهي ته سائينءَ سان مون پھريون ٽي وي پروگرام ’پي ٽي وي نَيشنل‘ تي ’لائِيو‘ پروگرام ”ادبي سنگت“ ڪيو هو. جيڪي ماڻهو سائين امرجليل جي نڪتهء نظر ۽ سندس اظھارَ جي انداز کي ڄاڻن ٿا، انهن کي خبر آهي ته امرجليل سان ’لائِيو‘ پروگرام ڪرڻ (سو به سرڪاري ٽي ويءَ تي) ڪيڏي وڏي ’رِسڪ‘ کڻڻ جي ڳالهه آهي، پر اها ’رِسڪ‘ اُن ڀيري اعجاز عليم عقيلي صاحب کنئي، جنھن ”ادبي سنگت“ ۾ امرجليل صاحب کي مھمان ڪري گهرايو. مونکي چڱيءَ ريت ياد آهي ته اهو هڪ جُهڙالو ڏينھن هو ۽ منجهند جو 3:00 لڳي ڌاري اسانکي ’لائِيو‘ وڃڻو هو. اهو آگسٽ جو مھينو هو ۽ 14 آگسٽ کان اڳ وارا ڏينھن هئا. ڳالهه ٻولهه جو موضوع هو: ”شاھه لطيف جي شاعريءَ ۾ حب الوطني“ ۽ ان ۾ اسانکي سُر مارئيءَ مان مثال ڏئي، مارئيءَ جي بيتن ۾ شامل وطن جِي حب کي پاڪستان جي محبت سان ملائڻو هو. عقيلي صاحب جي آفيس ۾ اسان پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ جڏھن موضوع ڊسڪس ڪرڻ ويٺاسين، ته سائين امر صاف چيو ته ”ڪاڏي مارئيءَ جي حب الوطني ۽ ڪاڏي 14 آگسٽ… ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪوئي تعلق ڪونهي. انڪري مان ان کي جشنِ آزاديءَ سان ڪونه ملائيندس.“ (جيڪا ڳالهه پنھنجي جاءِ تي صد فيصد درست به هئي.) سو جليل صاحب، عقيلي صاحب جي طويل تبليغ ۽ کيس قائل ڪرڻ جي ڪوششن باوجود، پنھنجي نڪتهء نظر تي قائم ۽ اٽل رھيو ۽ مون وچ وارو رستو اهو سمجهيو ته سائين امر کي چيم: ”ٺيڪ آهي سائين! اوهان رڳو مارئيءَ جي حب الوطنيءَ تي ڳالهائجو. ان کي ڀلي پاڪستان سان نه ڳنڍجو!“ نيٺ ان ڳالهه تي جليل صاحب راضي ٿيو. عُقيلي صاحب چيو: ”اوهان ٻئي قاضي پاڻ ڄاڻو، پر وچٿري ڳالهه ڪجو!“ خير! ان پھرين بحث کانپوءِ جڏهن ’اسٽوڊيو C‘ ۾ سيٽ تي آياسين ته پي ٽي ويءَ جي اصول موجب پوري آگسٽ دؤران هر پرفارم ڪندڙ جي سيني تي سجائجندڙ پاڪستان جي جهنڊيءَ واري روايت موجب، پروگرام اسسٽنٽ اسانکي جهنڊيون لڳائڻ آيو ته امر سائينءَ جهنڊِي لڳائڻ کان انڪار ڪيو. ان تي به عقيلي صاحب کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امر سائينءَ جي ”نه“ کي نَوَ ڪوٽ! سو جليل سائينءَ جهنڊِي لڳائڻ کان ٺُپ نابري واري بيھي رھيو. نيٺ اسانجي ’لائِيو‘ وڃڻ جو وقت اچي ويو ۽ اسانکي پروگرام ايئن ئي شروع ڪرڻو پيو. پروگرام دؤران جيئن ته مونکي ڪنن ۾ ’ٽاڪ بئڪ‘ لڳل هئي ته مان سموري پروگرام دؤران (جڏھن جڏھن سائين جليل صاحب جو شاٽ ’لائِيو‘ هو) اعجاز عليم عقيلي صاحب کي ڪئميرا مئن کي سندس ’ڪمپيڪٽ شاٽ‘ وٺڻ جون هدايتون ٻڌندو رھيس ته جيئن جهنڊيءَ وارو سندس سيني جو حصو نظر ئي نه اچي ته کيس جهنڊِي لڳل آهي يا نه ! سو ان پروگرام ۾ مونکي توڙي نيوز ڪاسٽر کي ته سيني تي پاڪستان جِي جهنڊِي سجايل رھي، پر امر جليل صاحب کي اها جهنڊِي لڳلَ ڪانه هئي. جيڪڏھن ان پروگرام جي ريڪارڊنگ دستياب هجي ته جليل صاحب جي ’ڪمپيڪٽ شاٽس‘ باوجود ڏسي سگهبو ته کين جهنڊِي ڪانهي لڳلَ!
هڪ ٻيو موقعو اھڙو آيو جو مون امر سائينءَ کي سندس مسلسل انڪار کانپوءِ هڪ ڏينھن پنھنجي ريڊيو پروگرام ۾ اچڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. اهو هڪ خانگي ريڊيو هاٽ ايف ايم 105 ڪراچيءَ جو هفتيوار سنڌي پروگرام ”مھراڻ رنگ“ هو، جنھن ۾ سائين ڇنڇر 19 سيپٽمبر 2015ع تي منھنجو مھمان بڻيو هو. هي پروگرام منجهند جو 2:00 لڳي کان 4:00 لڳي تائين نشر ٿيو هو. هن پروگرام جو پروڊيوسر آءٌ هئس ۽ ميزبانيءَ ۾ مونسان گڏ سائين ذوالفقار علي شاھه پڻ ساٿ نڀايو. پرگرام جي شروعات ۾ ئي مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي ته جليل صاحب عام ماڻهن کان وڌيڪَ ’سَرلو‘ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏھن اسان ٽنهي (مون، جليل صاحب ۽ سائين ذوالفقار علي شاھه) ڪنن ۾ ’هيڊ فونس‘ لڳاياسي، ته سائينءَ فوراً ان جو آواز (واليُوم) گهٽائڻ لاءِ چيو. جيئن ته پروگرام ۾ ’پئنل‘ مون پئي آپريٽ ڪيو ۽ پروگرام جي فني ذميواري مون تي هئي، ته مون سائينءَ جي مرضيءَ آڌار هيڊفون جو آواز گهٽايو. مزي جي ڳالهه اها هئي ته ٽنھي هيڊفونس جي آواز جو ڪنٽرول ’ناب‘ (بٽڻ) هڪ ئي هو ۽ جڏھن مون سائين امر جليل جي اطمينان جي حد تائين آواز گهٽايو ته اهو اسان ٻنهي (مونکي توڙي شاھه صاحب) کي بمشڪل ٻڌڻ ۾ پئي آيو، پر ظاھر آهي ته اسانکي امر سائينءَ جي سھولت لاءِ اها تڪليف برداشت ڪرڻي پئي. ان هيڊفون جو استعمال تڪنيڪي طور آپريٽ ڪرڻ واري لاءِ ان ڳالهه تي نظر رکڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته ڇا ڳالهائڻ واري جو آواز مناسب ليول تائين وڃي ٿو يا نه! يا پسِ پرده هلندڙ موسيقي ڳالهائيندڙ جي آواز ۾ رُخنو ته نه پئي وجهي! پر بھرحال ان پوري پروگرام ۾ مونکي انهن عنصرن جو ڌُڪي تي خيال رکي پروگرام آپريٽ ڪرڻو پيو.
هڪ مڃيل براڊڪاسٽر پوري ٻن ڪلاڪن جي پروگرام ۾ ڇا نه خوبصورت ڳالهايو هوندو. ان جو اندازو اوهان لڳائي سگهو ٿا. هڪ ته لفظن ۽ ڪردارن جو خالق سنڌ جو شينھن فڪشن نگار، وري اهو ئي هڪ پيشه ورانه براڊڪاسٽر به هجي ته پوءِ گفتگو پنھنجي سونھن جي عروج تي ڪيئن نه هوندي!
جنھن وقت شام جا 4:00 ٿيڻ لڳا ۽ سائينءَ کان پروگرام جي آخر ۾ ٻڌندڙن خاص طور نؤجوانن لاءِ پيغام گهريم ته ٺھه پھه آن ايئر ئي چيائين: ”هان…!؟ پروگرام پُورو ٿي ويو ڇا؟ پر مونکي ته ڏاڍو مزو پيو اچي. ٿڌِي ٿڌِي ’اي سِي‘ پئي هلي… هيڏيون سٺيون سٺيون ڳالهيون پيون ٿين… دوستَ لائِيو ڪالس رستي ڳالهائن پيا… ۽ اوهان پروگرام پورو پيا ڪريو!؟ مان ته هتان ڪونه ويندس… ڀلي اوهان مونکي ڌِڪا ڏئي ڪڍو…“ (جيڪي دوست جليل صاحب جا پڙھندڙ آهن، اهي ڄاڻن ٿا ته هو پنھنجن ڪردارن کان به اھڙا دلچسپ جملا چَورائيندو رھندو آهي.)
پر اُهو امر جليل صاحب، جيڪو هن ٻن ڪلاڪن جي پروگرام لاءِ راضي ٿي گهران سِيڙجي آيو، ان کي جڏھن ان لائيو پروگرام کانپوءِ ڀر واري ريڪارڊنگ اسٽوڊيو ۾ وٺي وڃي هڪ اڌ ’سائينِ پوسٽ‘ ۽ ’پرومو‘ ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ وٺي ويم ۽ کين هٿ ۾ اسڪرپٽ ڏنم ته ان تي لکيل هو: ”مان آهيان امرجليل ۽ اوھان ٻڌي رھيا آهيو هاٽ ايف ايم 105… ۽ اوھان ٻڌي رھيا آهيو، پروگرام ’سُورج شاخُون ڪڍِيُون‘… ياسر قاضيءَ سان گڏ…“ ته اها اسڪرپٽ دل ئي دل ۾ پڙھي مونکان پڇڻ لڳو: ”هي مونکي پڙهڻو آ!؟“ مون چيو: “جي سائين!“ چيائين: ”ابا ياسر، مان جي هِي نه پڙهان ته تون ناراض ته نه ٿيندين!؟“ مون چيو: ”سائين، اوهانجي مرضي آهي، پر ان کي پڙهڻ ۾ پرابلم ڪھڙو آ!؟“ وراڻيائين: ”بس ابا، مان ’ڪمفرٽيبل‘ ناھيان…“
مون مٿي عرض ڪيو ته سائين امر جليل ”نه“ ڪري ته کانئس ”ها“ ڪير ڪرائي! هُو بنا جواز جي به گهڻين ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي. مون به کڻي ماٺ ڪئي ۽ سائينءَ تي ان ’پروموشنل اسڪرپٽ‘ جِي ريڪارڊنگ لاءِ زور ڪونه ڀريم. سائين امر جليل کان جڏھن ان ريڊيو پروگرام کانپوءِ مھمانن واري ڪتاب (وزِيٽرس بُڪ) تي راءِ ورتي وئي ته سائينءَ ان ۾ فڪشن نما هڪ ئي جملو لکيو: ”اڄوڪو پروگرام مون گذريل جنم ۾ ڪيو هو. ايندڙ پروگرام اڳئين جنم ۾ ڪندس.“