اڪرام الله ڌاريجو کي صنعت، محمد علي ملڪاڻي کي يونيورسٽين، دوست علي راهمون کي ماحوليات جا قلمدان

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزير شامل، ڪابينا جي وزيرن جو انگ 18 ٿي ويو، نون 8 وزيرن کي کاتا به الاٽ، خبر موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ وڌيڪ 8 وزيرن جو اضافو ڪري  ڇڏيو آهي  نون وزيرن ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، مخدوم محبوب الزمان، دوست محمد راهمون، شاهد عبدالسلام ٿهيم، رياض حسين شاهه شيرازي، شاهينه شير علي ۽ مير طارق علي ٽالپر شامل آهن. گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري نون وزيرن کان حلف ورتو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، ميئر ڪراچي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ نون چونڊيل وزيرن جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي. جڏهن ته نون وزيرن مان رياض شاهه شيرازي کي اوقاف، عشرزڪوات، ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جو قلمدان، ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي صنعت، محمد علي ملڪاڻي کي يونيورسٽيز، دوست علي راهمون کي ماحوليات، شاهينه شير علي کي وومن ڊولپمينٽ، طارق علي ٽالپر کي سوشل ويلفيئر ، مخدوم محبوب الزمان کي بحالي ۽ شاهد ٿهيم کي ليبر کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آهن. ٻئي طرف جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري کي ورڪس اينڊ سروس کاتي جو اضافي قلمدان ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.