ڪراچيءَ ۾اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (م ڊ)موسمياتي ماهرن طاقتور اولهندي سسٽم تحت اڄ کان ڪراچيءَ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي .موسمياتي ماهرن موجب، نار وارين رياستن کانپوءِ طاقتور اولهندو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيو ويو آهي ۽ اِهو سسٽم مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ تيز برساتن جو سبب بڻجي رهيو آهي. موسمياتي  ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان سسٽم جا اثر سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف ضلعن ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته سسٽم جي شدت خليجي رياستن واري نه هوندي. ماهرن موجب، اڄ کان سنڌ جي سامونڊي پٽي تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ پڻ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.موسمياتي ماهرن موجب، سسٽم سبب ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ خليجي رياستن جهڙي طوفاني برساتن جو امڪان ناهي، هتي 15 کان 40 ملي ميٽر تائين مِينهن وسڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.