ايڪس جي بندش سبب دنيا کلي ٿي، اسان کي شرم اچڻ گهرجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ايڪس جي بندش بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس ۽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي،  ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهرو وزارت قبول ڪيو ته ايڪس جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي خط لکيو هو پر ايڪس جي بندش جا ڪارڻ نه ڄاڻايا ويا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو سبب آهي جو ايڪس بند ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪالهه ته ايڪس هلي رهيو هو.چيف جسٽس سوال ڪيو ته اڄ به ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان معلوم ڪري ٿو وٺان ته ايڪس هلي رهيو آهي يا نه؟ايڊيشنل اٽارني جنرل ايڪس جي بندش بابت گهرو وزارت جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته غلط خبر تي سوشل ميڊيا ايپ تي 5 سئو ملين تائين جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو، سوشل ميڊيا بند ڪرڻ کان پهرين سروس فراهم ڪندڙ کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو آهي، چئن کان پنج ڪروڙ پاڪستاني ايڪس استعمال ڪري رهيا آهن.هن چيو ته وي پي اين ذريعي انٽرنيٽ جي اسپيڊ انتهائي گهٽجي ويندي آهي، هڪ حڪم سان ايڪس بند ڪيو ويو ته اسان کي مٿان کان انفارميشن ملي آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اسان کي هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته رڳو ايڪس ڇو بند ڪيو ويو آهي؟چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي پڇيو ته ملڪ اوهان کي هلائڻو هوندو آهي زميني حقيقتون اوهان ڄاڻو ٿا، ملڪي مفاد جو به اوهان کي پتو آهي، ڪجهه شيون هٿن مان نڪرنديون پيون وڃن جنهن سان ڪنهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ادارا، عدالتون ڪنهن ڇا لا آهن؟ ماڻهن لاءِ آهن، عوام آهي ته اسان آهيون، اهڙن عهدن تي ويهندي شرم ٿئي ٿو، آئين جي پاسداري ۽ ملڪي مفاد اهم آهي.عدالت ايڪس جي بندش بابت لکيل خط جو سبب نوَ مئي تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته انٽرنيٽ جي بندش تي دنيا اسان تي کلندي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس جي بندش لاءِ پي ٽي اي کي لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر گهرو وزارت جو خط واپس نه ورتو ويو ته عدالت پنهنجو حڪم جاري ڪندي.

  1. قومي سلامتي ۽ امن امان لاءِ ايڪس تي بندش ضروري هئي: گهرو کاتو

اسلام آباد ( م ڊ) گهرو وزارت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي رپورٽ اسلام آباد ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. گهرو کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو  آهي ته درخواست گذار جو ڪو به بنيادي حق متاثر ناهي ٿيو، ايڪس جي بندش خلاف درخواست قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ ۽ ٻڌڻي جوڳي نه آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڪس نه پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهي ۽ نه ئي پاڪستاني قانونن جي پاسداري واري معاهدي جو ڀائيوار آهي جڏهن ته ايڪس پليٽ فارم جي غلط استعمال بابت حڪومت گائيڊ لائنز جي پاسداري به نه ڪئي، حڪمن جي پاسداري نه ٿيڻ تي ايڪس تي پابندي مڙهڻ ضروري هو. رپورٽ موجب، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ايڪس کان چيف جسٽس خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ اڪائونٽن تي پابندي جي درخواست ڪئي هئي پر ايڪس اختيارين درخواست نظرانداز ڪري ڇڏي ۽ اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سهڪار نه ڪرڻ تي ايڪس خلاف ريگوليٽري ايڪشن سميت عارضي بندش جو جواز آهي ۽ حڪومت وٽ ايڪس جي عارضي بندش کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، انٽيليجنس ايجنسين جي درخواست تي گهرو کاتي ايڪس جي بندش جو حڪم جاري ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڪس جي بندش جو فيصلو قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، شدت پسنداڻن نظرين ۽ ڪوڙي ڄاڻ پکيڙڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو استعمال ڪيو پيو وڃي . رپورٽ موجب، ڪجهه شرپسند عنصرن طرفان امن امان کي نقصان رسائڻ سميت عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪس کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ٽِڪ ٽاڪ جي پاڪستاني قانون جي پاسداري واري معاهدي تي صحيح کانپوءِ پابندي ختم ڪئي وئي هئي. گهرو وزارت ايڪس جي بندش خلاف درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته ايڪس جي بندش آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.