نوشڪي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪوئٽا (م ڊ) نوشڪي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مسافرن کي بس مان ڪڍي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪندڙ حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي  وئي.پوليس موجب 12 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن جي اڃا تائين گرفتاري ممڪن نه ٿي سگهي آهي،  پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس، سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، چئن شڪي ماڻهن کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي.سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جيو فينسنگ سميت جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي پئي وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوئٽا کان تافتان ويندڙ بس کي نوشڪي قومي شاهراهه تي روڪي مسافرن کي لاهي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويوهو ۽ دهشتگرد لاشن کي پهاڙي علائقن ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا. وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ وزير داخلا محسن نقوي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

  1. ن ليگ جي صدارت نواز شريف سنڀاليندو: عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) عرفان صديقي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۾ رائي هلي رهي آهي ته نواز شريف پارٽي جي صدارت سنڀالي، اميد آهي ته  هڪ کان 2 مهينن اندر ان سلسلي ۾ فيصلو ٿي ويندو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته امڪان  آهن نواز شريف پارٽي جي پاڻ صدارت سنڀاليندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته مسلم ليگ ن ۾ اها راءِ هلي رهي آهي ته پارٽي کي عارضي نه پر مستقبل صدر جي ضرورت آهي، ماضي ۾ نواز شريف شهباز شريف کي پارٽي جي صدارت ڏني هئي جيڪو هن وقت پنهنجي مشن ۾ مصروف آهي، هن وقت معيشت جي بحالي شهباز شريف جو سڀ کان وڏو مقصد آهي، شهباز شريف وٽ ايترو وقت ناهي جو هو پارٽي کي ڏئي سگهي،ليگي اڳواڻ راءِ ڏني ته پارٽي جا سياسي عهدا حڪومتي عهدن سان ڌار ڪيا وڃن، جن وٽ هن وقت عهدا آهن اهي پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ پورا آهن جنهن سبب پارٽي نظرانداز ٿي رهي آهي.

  1. پ پ پاران شيري رحمان سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر نامزد

اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽر شيري رحمان کي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سينيٽر شيري رحمان  کي پارلياماني ليڊر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته سينيٽر شيري رحمان ايوان جي قانون سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. چيئرمين سينيٽ چيو ته فيڊريشن هائوس قومي معاملن تي پاليسي سازي جو اهم فورم آهي، سينيٽر شيري رحمان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي.

  1. ڪراچي جي عدالت قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ اورنگي ٽائون ۾ غيرت جي نالي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار جوابدارن حسين شاهه،نعيم شاهه ۽ سيدزمان کي عدالت ۾ پيش  ڪري ڇڏيو آهي .عدالت جوابدارن کي 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .پوليس عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جي سڃاڻپ صادق پٺاڻ جي نالي سان ٿي آهي .مقتول کي حسين شاهه نامي جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو .جوابدار قتل ڪري لاش کي پينا فليڪس ۾ وڃي اڪلايو هو .جوابدار مقتول کي پنهنجي زال کان غير اخلاقي تعلق جي ڪري قتل ڪيو هو .ڪيس اورنگي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي .

  1. محسن نقوي صحافين کي لٽڪائڻ چاهي ٿو: تجزئي نگار

اسلام آباد ( م ڊ )  صحافي بشير چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ مين اسٽريم ميڊيا اڳ ئي سرينڊر ڪري چڪي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي اختلاف ڪندڙ آوازن کي بند ڪرڻ جون  تياريون ڪيون پيون وڃن. محسن نقوي هڪ ڀيرو ٻيهر صحافين کي مارڻ ۽ لٽڪائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. محسن نقوي جيڪو اظهار جي آزادي کي دٻائڻ جو ايجنڊا کڻي رهيو آهي ان کي شرمندگي ۽ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو. خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اوچتو پاڪستان ۾ ڪوڙي خبرن تي شور مچايو پيو وڃي، لڳي ٿو اها وبا آهي جيڪا رڳو پاڪستان ۾ اچي رهي آهي. سوشل ميڊيا سڄي دنيا ۾ هلي رهي آهي ۽ ڊيفي ميشن لاز  جي ذريعي ان سان ڪنٽرول به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گهرو وزير محسن نقوي جنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي اصل ۾ جعلي خبر سندس ايجنڊا هئي. پاڪستان سميت دنيا ۾ پهريان ئي 3 ملڪ آهن جتي راءِ جو اظهار ڪرڻ قابل سزا جرم آهي.  گهرو وزير محسن نقوي جنهن جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي اصل ۾ جعلي خبر سندس ايجنڊا هئي. پاڪستان سميت دنيا ۾ 3 ملڪ آهن جتي راءِ جو اظهار ڪرڻ  ڏوهه آهي.  سينيئر صحافي اعجاز احمد جو چوڻ آهي ته حڪومت کي سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اسان صحافين کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي ڪوڙ نه پکيڙڻ گهرجي. صحافي شاهد ميتلا چيو ته ڪور ڪمانڊر منگلا جي استعيفيٰ کي مبالغو ڪيو پيو وڃي، ان کي معمولي ڳالهه سمجهڻ گهرجي.

  1. اوور بلنگ ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن الزام هيٺ گيپڪو جا 20 آفيسر گرفتار

اسلام آباد ( م ڊ ) گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) جي 20 آفيسرن کي اوور بلنگ ۽ ڪروڙين روپين جي غبن تي گرفتار ڪيو ويو.  گوجرانوالا ۾ بجلي جي بلن جي رقم قومي خزاني بدران گيپڪو  آفيسرن جي کيسي ۾ وڃڻ جو انڪشاف ٿيو، جاچ دوران شاهديون سامهون اچڻ بعد ايف آءِ اي گيپڪو جي 20 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب گرفتار آفيسرن ۾ گيپڪو جي روينيو ۽ اڪائونٽس برانچ جا آفيسر به شامل آهن. گرفتار آفيسرن ۾ گريڊ 17 جا 9 ۽ 16 گريڊ جا 11 شامل آهن. گيپڪو آفيسرن کي پڇا ڳاڇا لاءِ ايف آءِ اي ٿاڻي تي طلب ڪيو ويو، انڪوائري دوران سمورن آفيسرن کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو.ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ 10 ڪروڙ 50 لک رپين جو انڪشاف ٿيو آهي. جوابدار بجلي جي بلن جي مد ۾ جمع ڪرايل رقم جي خزاني ۾ جعلي ڀرتيون ڪري پنهنجي کيسي ۾ وجهندا هئا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ اوور بلنگ ۾ ملوث عملدارن خلاف بنا فرق ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اوور بلنگ عوام سان ظلم برابر آهي، ملوث عملو ڪنهن رعايت جو مستحق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.