ايڪسائيز کاتي پاران 180 ارب رپين جي واپسي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي روينيو وڌائڻ، ٽيڪس ميڪنزم ۾ جدت آڻي اُن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورٽ ۾ بينڪ گارنٽيز جي مد ۾ ۽ ناظر وٽ سنڌ حڪومت جي جمع ٿيل رقم 180 ارب رُپين جي واپسي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سنڌ جي سينيئر منسٽر ۽ اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جو ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي سيڪريٽري سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب پنھور ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ بندرگاھن ۽ ٻين لاڳاپيل ھنڌن تي ڪائونٽر قائم ڪرڻ ۽ ٻيا جديد طريقيڪار متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز کاتي جون آفيسون اپ گريڊ ڪرڻ، انفرا اسٽرڪچر بھتر بڻائڻ، لاجسٽڪ  جون ضرورتون جلد پوريون ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. اجلاس ۾ چيڪ پوسٽ نظام مضبوط ڪرڻ، نيون چيڪ پوسٽون ۽ موبائل ٽيسٽنگ ليب قائم ڪرڻ، گاڏين ۽ نارڪو ڊٽيڪٽرز جي خريداري جو به فيصلو ڪيو ويو.  سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن اختيارين کي گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد انداز جون پليٽون جاري ڪرڻ جو نظام آڻڻ جي به ھدايت ڪئي. اجلاس ۾ منشيات جي خلاف پوليس جي سھڪار سان ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته امپورٽ ٿيل گاڏين جي بندرگاھ کان شو رومز ۽ ٻين صوبن تائين منتقلي لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.