سنڌ حڪومت جو شروعاتي تعليم کان محروم ٻارن لاءِ وڏو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ اسڪولن کان رهجي ويل ٻارڙن کي چئن سالن ۾ اٺين درجي تائين تعليم ۾ مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نان فارمل ايجوڪيشن طريقي ڪار تحت اسڪولن کان رهجي ويل ٻارن کي مختصر وقت ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه هڪ اجلاس ۾ چيو ته نان فارمل ايجوڪيشن طريقي ڪار تحت اسڪول کان رهجي ويل ٻار مختصر وقت ۾ اٺين جماعت تائين تعليم حاصل ڪري سگهندا، ان طريقي ڪار جي مدد سان چئن سالن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي.
هن جو چوڻ هو ته اسڪول کان رهجي ويل ٻارن کي ووڪيشنل تعليم به ڏني ويندي، جنهن سلسلي ۾ نان فارمل ايجوڪيشن اٿارٽي جوڙي ويندي، جنهن کي جائيڪا ۽ يونيسيف جي سهڪار سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي هلايو ويندو.
تعليم واري وزير ٻڌايو ته جنهن علائقي ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جو انگ وڌيڪ هوندو اتي وڌيڪ تعليمي درسگاهون ٺاهي ٻارن کي مختصر وقت ۾ تعليم ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.