گهرو وزارت اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي واري ڪيس ۾ عدالت کي ٻڌايو ته اڊيالا جيل تي دهشتگرد حملي جا اطلاع آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گهرو وزارت طرفان پي ٽي آءِ باني کي سيڪيورٽي فراهمي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
گهرو وزارت طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي سيڪيورٽي جي فراهمي بابت جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جا اطلاع آهن، ادارن جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پهريون ٽارگيٽ راولپنڊي آهي.
گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ اهم شخصيتن سميت فوجي ملڪيتون به دهشتگردن جي نشاني تي آهن، پاڪستان دشمن ملڪ ۾ سياسي افراتفري پکيڙڻ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ باني سميت هر شهري جي زندگي ۽ تحفظ رياست جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي، حفاظت ۽ امن امان صوبائي معاملو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.