ٽڪ ٽاڪ تي تڪراري مواد پوسٽ ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

ٽڪ ٽاڪ پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي اهڙن واهيپدارن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي جيڪي نقصانڪار مواد پوسٽ ڪندا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪمونٽي گائيڊلائينز کي اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي جنهن کي مئي 2024 کان شروع ڪيو ويندو. ٽڪ ٽاڪ پاران اهڙن موضوعن جي ڊگهي لسٽ به جاري ڪئي وئي آهي جن کي ايپ جي فار يو فيڊ لاءِ ريڪيومينڊ نه ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب ڪجهه ڪيٽيگريز عام آهن جهڙوڪ تشدد جا مواد، پر ان سان گڏ هاڻي تڪراري موضوعن جن تي واهپيدارن پاران تنقيد ڪئي وئي انهن کي به اهڙي لسٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي جيڪي فار يو فيڊ ۾ نه ايندا. خطرناڪ سرگرمين يا چيلنجز جي وڊيوز کي فاريو فيڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو.

اهڙڙيءَ ريت جسماني وزن ۾ ڪمي يا ڊائٽنگ بابت مواد کي به فاريو فيڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو. گمراهه ڪندڙ يا سازشي مواد کي به بين ڪيو ويندو.

ٽڪ ٽاڪ جي فاريو فيڊ سميت انهن واهپيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي مسلسل ٽڪ ٽاڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندا. اهڙن واهيپدارن جي مخصوص پوسٽ سان انهن اڪائونٽ کي سرچ ڪرڻ به ڏکيو بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.