نيوزيلينڊ خلاف سيريز، پاڪستان ٽيم کي وڏو جهٽڪو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽر اعظم خان گوڏي جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
اڄ راولپنڊي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي ، پر ميچ کان اڳ اعظم خان گوڏي جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، اعظم خان گذريل ڏينهن گوڏي ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي، بورڊ جو ميڊيڪل عملو سندس معائنو ڪري رهيو آهي.
پي سي بي موجب، اعظم خان جي نيوزيلينڊ خلاف ميچن ۾ شرڪت جو فيصلو ميڊيڪل رپورٽن جي بنياد تي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.