بالي ووڊ انڊسٽري ڪنهن جي پيءُ جي ناهي: وديا بالن

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مشهور اداڪارا وديا بالن فلم انڊسٽري ۾ اقربا پروي تي پنهنجا ويچار ونڊيا.

ڀارتي رپورٽس موجب وديا بالن نئين فلم ”دو اور دو پيار“ جي مشهوري لاءِ مصروف آهي. ان دوران هن انڊسٽري ۾ موجود اقربا پروري تي به ڳالهايو. اداڪارا چيو ته اقربا پروري هجي يا نه، هيءَ انڊسٽري ڪنهن جي پيءُ جي ناهي، نه ته هر سپراسٽار ڪڊ ڪامياب هجي هان.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته کيس ڪو به فرق نٿو پوي، ان فرق کانپوءِ به ٽيلنٽڊ فنڪارن کي پنهنجي حصي جو ڪم ملندو آهي، هوءَ پاڻ اڪيلي انڊسٽري ۾ آئي هئي، سندس مٿي تي ڪنهن جو هٿ نه هو ان باوجود کيس پنهنجي حصي جو ڪم مليو آهي ۽ ان ۾ هوءَ خوش آهي.

واضح رهي ته رومانٽڪ ڪاميڊي فلم ”دو اور دو پيار“ ۾ وديا بالن سان ”اسڪيم 1992“ مان شهرت ماڻيندڙ پرتيڪ گانڌي نظر ايندو. شرشا گوها ٺاڪر جي هدايت ڪاري ۾ ٺهندڙ اها فلم 19 اپريل تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.