سولر پينل ايترا سستا ٿي ويا جو استعمال وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سولر پينل جي واهپيدارن جو 50 هزار مان هڪ لک 15 هزار ٿي ويو آهي.

نيٽ ميٽرنگ جو ڪاٿو 1735 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي، بجلي ورچ ڪمپنيون واهپيدارن کي سولر يا ونڊ پاور ذريعي پيدا ڪيل بجلي گرڊ ۾ ڏيڻ تي سندن ساراهه ڪري رهيون آهن.

چين سڄي دنيا ۾ سولر پينل جي سپلاءِ وڌائي ڇڏي آهي ۽ اگهه گهٽائي ڇڏيا آهن.

4 پکا، هڪ ٽي وي، هڪ فرج، 8 ايل اي ٽي بتيون ڏيڍ ڪلو واٽ جي سولر سسٽم لڳائڻ تي هلنديون آهن، هاڻي اهو سولر سسٽم هڪ لک 55 هزار رپين ۾ لڳي ويندو جيڪو گذريل سال 2 لک رپين جو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.