پاڪستاني مشهور اداڪار جن جڳ مشهور ڊرامن کي ٿڏي ڇڏيو هو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي تاريخ ۾ اهڙا اداڪار موجود آهن جن غلط فيصلا ڪندي بلاڪ بسٽر ڊرامن جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو.

رپورٽ موجب تيري بن پاڪستان جو مشهور ڊرامو آهي جنهن جي مرڪزي ڪردار لاءِ يمنيٰ زيدي کان اڳ عائزه خان کي آڇ ڪئي وئي جنهن رد ڪري ڇڏي، بن روئي ۾ همايون سعيد کان پهريون فواد خان کي ڪردار آفر ڪيو ويو پر اڻڄاڻايل ڪارڻ سبب هن آڇ قبول نه ڪئي. بزنس روڊ جي روميو جوليٽ ۾ اقرا عزيز سان حمزه سهيل کان اڳ احد رضا مير کي مرڪزي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي پر هن ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شدت ڊرامي ۾ پهريون زاهد احمد کي چونڊيو ويو پر هن آفر ٿڏي ڇڏي جنهن کانپوءِ منيب بٽ کي ڪاسٽ ڪيو ويو.

جيو انٽرٽينمنٽ جو مشهور ڊرامو منت مراد پهريون فرحان سعيد کي کنيو ويو پر هن معزرت ڪري ڇڏي پوءِ اداڪار طلحا چهور کي ڪاسٽ ڪيو ويو. ميري پاس تم هو ۾ مرڪزي ڪردار لاءِ سونيا حسين کي آڇ ڪئي وئي پر هن ڪردار ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اڊاري ۾ احسن خان کي بهترين منفي ڪردار جا ايوارڊ مليا جنهن سبب هو ڏاڍو مشهور ٿيو پر ان کان اڳ ان ڪردار لاءِ فيصل قريشي کي آڇ ڪئ وئي هئي جنهن معزرت ڪري ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.