اڳوڻو انگلش ڪرڪيٽر رومن سوبارو لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ )اڳوڻو انگلش ٽيسٽ ڪرڪيٽر رومن سوبارو 92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ريفري رامن سوبارو جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سوبارو 13 ٽيسٽ ميچن ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي، جنهن ۾هن 46 ڏهائي 85 جي ايوريج سان ٽن سينچرين جي مدد سان 984 رنسون ٺاهيون.
ان کانسواءِ رامن سوبارو 160 عالمي مقابلن ۾ ميچ ريفري طور خدمتون انجام ڏنيون.
رومن سوبارو انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه پڻ رهي چڪو آهي، هو 1985ع کان 1990ع انگلينڊ جي ٽيسٽ اينڊ ڪائونٽي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو.
ٽيسٽ اينڊ ڪائونٽي بورڊ کي بعد ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جو نالو ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.