ملڪ کي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: صدر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ کي تازي سياسي بحران مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي پارليامينٽ ميمبرن عمران خان جي حق ۾ ۽ آصف زرداري جي خلاف نعريبازي ڪئي.
تحريڪ انصاف جي ميمبرن عمران خان جون تصويرون به کڻي آيا، جمشيد دستي صدر جي سامهون عمران خان جي تصوير وارو پوسٽر رکي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ ميمبر ايوان ۾ سيٽيون وڄائيندا ۽ گوڙ ڪندا رهيا جنهن جي نتيجي ۾ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي تازي سياسي بحران ۾ ڪڍڻ جي ضرورت آهي، اسان اسان جي ملڪ ۾ دانشمندي ۽ پختگي جي ضرورت آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ ميمبر اختيارن جو سوچي سمجهي استعمال ڪندا.
صدر چيو ته هر ماڻهوءَ ۽ صوبن سان گڏ قانون موجب هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، منهنجي راءِ ۾ اڄ هڪ نئون باب شروع ڪرڻ جو وقت آهي، اڄوڪي ڏينهن کي هڪ نئين شروعات طور ڏسو.
هن چيو ته پنهنجن ماڻهن تي سيڙپڪاري ڪرڻ، عوامي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان کي پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي گڏيل ترقي جا رستا کولڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ وقت نه آهي، پولرائزيشن کان هٽي ڪري موجودا دور جي سياست ڏانهن وڌڻ ملڪي ضرورت آهي، ايوان کي پالياماني عمل تي عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
صدر چيو ملڪ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن تي ظابطو آڻڻ ممڪن ناهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بامقصد ڳالهيون، پارلياماني اتفاق راءِ گهربل آهي، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سخت سڌارن تي وقت سر عمل درآمد يقيني بڻائڻو پوندو.
هن چيو ته سياسي قيادت کي پٺتي پيل علائقن جي خاص ضرورتن کي ترجيح ڏڻي پوندي، حڪومت نوڪريون پيدا ڪرڻ، مهانگائي گهٽائڻ، ٽئڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ معاشي سڌارا آڻي، آئيني فريم ورڪ تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هاڪاري سهڪار ۽ اثرائتي هم آهنگي اڻٽر آهي، گڏيل قومي ترقي، پاليسين تي عملدرآمد لاءِ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي.
آصف زرداري چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ اسان جو بنيادي مقصد هئڻ گهرجي، حڪومت ڪاروباري ماحول سازگار بڻائڻ لاءِ سڌارن واري عمل کي تيز ڪري، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ ڏکيا قانون آسان بڻائڻا پوندا.
صدر چيو ته دهشتگردي هڪ ڀيرو وري ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي سبب اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي جو خطرو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو، دهشتگردي سان مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد رکون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فخر آهي، اسان دشمن عنصرن کي اهم رٿائن کي خطري ۾ وجهڻ، ٻن ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.