عثمان خان ڪبريٰ سان ڪم ڇو نٿو ڪرڻ چاهي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار عثمان مختار چيو آهي ته هو ڪبريٰ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ نٿو چاهي.

عثمان مختار هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان بڻجي ويو جتي هن کان مختلف دلچسپ سوال ڪيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن اداڪارائن سان هو ڪم نه ڪرڻ چاهيندو ان ۾ ڪبريٰ خان شامل آهي.

اداڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڪبريٰ خان کيس ڏاڍو تنگ ڪندي آهي، هڪ ڊرامي جي سيٽ تي هن ڏاڍو تنگ ڪيو، ڪبريٰ هڪ ورچوئل ريئيلٽي هيڊ سيٽ ڏئي مونکي ڌڪو ڏنو جنهن جي هن وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي. ان هيڊ سيٽ ۾ کيس وڏيون عمارتون نظر اچن پيون جنهن ۾کيس محسوس ٿيو ته هو مٿان ڪري پيو آهي.

هن ٻڌايو ته کيس مٿاهينءَ کان ڊپ ٿيندو آهي، ڪبريٰ اها وڊيو سندس سالگره جي ڏينهن رکي هئي. ڪبريٰ سٺي دوست ضرور آهي پر ڏاڍو تنگ ڪندي آهي ان لاءِ ساڻس ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان.

واضح رهي ته اداڪار عثمان مختار ۽ ڪبريٰ خان ”هم ڪهان ڪي سچي ٿي“ ڊرامي ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.