روهت شرما به پاڪ – ڀارت ٽيسٽ سيريز جو خواهشمند

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي.
روهت شرما اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان سان هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ دوران پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پوڊ ڪاسٽ دوران روهت شرما چيو ته هو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ باظابطا سيريز جي حق ۾ آهي، سندس راءِ نج ڪرڪيٽ تي ٻڌل آهي .
روهت شرما اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ بهترين ٽيم آهي ۽ پاڪستان جي بالنگ زبردست آهي.
ڀارتي ڪپتان جو چوڻ هوته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ ميچون ٿيڻ گهرجن، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلا ڏسڻ وٽان هوندا ۽ خاص طور تي جيڪڏهن اِهي ٻاهرين ڪنڊيشن ۾ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.