سلمان خان جي گهر فائرنگ لاءِ ڪيترا پيسا ڏنا ويا؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي جاچ ۾ نئون انڪشاف ٿيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب پوليس ٻڌايو آهي ته سلمان خان جي گهر تي فائرنگ ڪيس ۾ شامل هڪ ٻئي مشڪوڪ ماڻهو کي اربع جي رات رياست هرياڻا مان گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته هن ماڻهوءَ لارنس بشنوئي گينگ ۽ شوٽرن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪيو هو جڏهن ته 24 سالن جو شوٽر گپتا ۽ 21 سالن جو ساگر ڪمار پهريون ئي پوليس گرفتار ڪيا آهن. شوٽر ساگر ڪمار ۽ سندس ساٿي وڪي گپتا کي مبينا فائرنگ لاءِ 4 لک رپين جي آڇ ڪئي وئي هئي جنهن مان هڪ لک رپيا اڳواٽ ڏنا ويا.

پوليس ذريعن موجب سلمان خان جي گهر فائرنگ ڪرڻ جو مقصد رڳو سلمان خان کي ڊيڄارڻ هو، کيس قتل ڪرڻ نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.