هيلي ميٿيوز جي سينچري، ويسٽ انڊيز پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز وومينز پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان وومينز کي 113 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊين وومينز ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 269 رنسون ٺاهيون، ڪپتان هيلي ميٿيوز شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي، هوءَ 15 چوڪن جي مدد سان 140 ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته شيماني ڪيمبل 45 رنسون ٺاهي نمايان رهي.
پاڪستان جي سعديه اقبال ۽ طوبيٰ حسن ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
ويسٽ انڊيز جي 270 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي پاڪستان وومينز ٽيم جي بيٽنگ واري جي ڀِت ثابت ٿي ۽ سموري ٽيم36 هين اوور 156رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان طوبيٰ حسن 25 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي.
ياد رهي ته ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.