ثروت گيلاني شوٽنگ ۾ ساٿي اداڪار تي فدا ٿي وئي: انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ثروت گيلاني انڪشاف ڪيو ته ماضيءَ ۾ شوٽنگ دوران هوءَ سندس ساٿي اداڪار جي عشق ۾ مبتلا ٿي وئي.

سوشل ميڊيا تي ثروت گيلاني جي انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ سندس مڙس سان گڏ ويٺي آهي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.

اداڪارا هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ شوٽنگ ۾ هوءَ پنهنجي ساٿي اداڪار تي فدا ٿي وئي جنهن تي سندس مڙس ڇرڪي پڇيو ته ڇا؟ اداڪارا ثروت گيلاني اتي وضاحت ڏيندي چيو ته ان وقت هوءَ غيرشادي شده هئي.

واضح رهي ته هي ساڳو انٽرويو آهي جنهن ۾ اداڪارا ڪرن جوهر سان ملاقات بابت ڳالهايو ۽ ٻين موضوعن تي به ويچار ونڊيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.