فيض آباد ڌرڻو: احسن اقبال جو ٽي ايل پي سان معاهدي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال طرفان فيض آباد ڌرڻو ڪميشن بابت نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، احسن اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدو پهريان ڪيو ويو ۽ وزيراعظم کي پوءِ ڏيکاريو ويو.
ڪميشن رپورٽ موجب، احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جڏهن معاهدو ڏٺو ته اعتراض ڪيو.
وزيراعظم وزير جي استعيفيٰ ۽ فيض حميد جي معاهدي ۾ نالي تي اعتراض ڪيو جنهن تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته معاهدو ٿي ويو چڪو آهي ۽ صحيحون ٿي ويون آهن، پوئتي نٿا هٽي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.