ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاب بچن سپر اسٽار شاهه رخ خان جي شخصيت جي سڀ کان مضبوط پهلوءَ بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪو به مسئلو هجي، هو صرف ڳالهه ڪري سامهون واري جو اعتماد وڌائي ڇڏيندو آهي.
”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي سيزن 18 ۾ اميتاب بچن اداڪار راج ڪمار رائو کان سپر اسٽار شاهه رخ خان بابت سوال ڪيو ۽ چيو ته توهان ٻنهي جو تعلق دهلي سان آهي.
ان موقعي تي راج ڪمار رائو ممبئي ۾ پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۽ شاهه رخ خان سان پنهنجي متاثر ڪندڙ وابستگي بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ شاهه رخ خان جو دهلي کان ممبئي تائين سفر ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار بڻجڻ جي ڪهاڻي سندس لاءِ وڏي اتساهه جو ڪارڻ بڻي.
هن چيو ته هو شاهه رخ خان جي سفر کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ته ڪيئن هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان ٿيٽر کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، ڪيترن ئي ٽي وي شوز ۾ ڪم ڪيو ۽ نيٺ هڪ وڏو سپر اسٽار بڻجي ويو.
راج ڪمار رائو ٻڌايو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو هڪ شو جي سلسلي ۾ ممبئي آيو ته هو سليڪٽ نه ٿي سگهيو، پر هو شاهه رخ خان جي بنگلي ”منت“ جي بلڪل سامهون بيٺو رهندو هو.
اميتاب بچن شاهه رخ خان سان ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“، ”محبتين“ ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.
شاهه رخ خان بابت اميتاب بچن جو چوڻ هو ته هو اهڙو انسان آهي، جيڪو ڪنهن به ڳالهه تي هار نٿو مڃي. ڪو به مسئلو هجي، هو صرف ڳالهائي سامهون واري جو اعتماد تمام گهڻو وڌائي ڇڏيندو آهي.
You might also like