ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا تاپسي پنو انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هڪ ڀيري فلم مان رڳو ان ڪري ڪڍيو ويو، ڇاڪاڻ ته فلم جي هيرو جي زال کي سندس ڪاسٽ ٿيڻ تي اعتراض هو.
پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ بيباڪ انداز سبب ڄاتي ويندڙ بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو شوبز انڊسٽري ۾ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽرن ۽ هيروز جي اثر رسوخ بابت ڳالهائيندي چيو ته سندس ڪيريئر دوران ڪيترائي ڀيرا کيس فلمن کان پري رکيو ويو.
هڪ انٽرويوءَ دوران تاپسي پنو ٻڌايو ته هن لاءِ سڀ کان عجيب ۽ خراب تجربو اهو هو، جڏهن کيس هڪ وڏي فلم مان رڳو ان ڪري ڪڍيو ويو، ڇاڪاڻ ته هيرو جي گهرواري سندس ڪاسٽنگ مان خوش نه هئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته شوبز انڊسٽري ۾ ڪڏهن ڪڏهن قابليت، خوبصورتي ۽ محنت بدران ذاتي پسند ناپسند ۽ اندروني لاڳاپن جي بنياد تي فيصلا ڪيا ويندا آهن، جيڪو نون فنڪارن سان وڏي ناانصافي آهي.
تاپسي پنو چيو ته انهن سڀني رنڊڪن ۽ ڏکين حالتن باوجود هوءَ جلد پنهنجي ايڪشن ڊراما فلم” گنڌار“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، جنهن جو مداح بيچيني سان انتظار ڪري رهيا آهن.
You might also like