پي ٽي آءِ ” ڀاڙي“ آهي، ڌرڻي کان ڀَڄي وَئي، همٿ اٿوَ ته لانگ مارچ ڪري ڏيکاريو، عطا تارڙ جي سُهيل آفريدي تي ٺٺول

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف ”بزدل“ آهي، ان ڪري لانگ مارچ کان ڀڄي وئي آهي، جرئت آهي ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪري ڏيکاري.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ سهولتڪاري ڪري ٿي ۽ ان کانپوءِ پاڻ کي سياسي جماعت سڏائي ٿي.
هن سهيل آفريدي بابت چيو ته هو وڏي وزير کان وڌيڪ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي ڪمانڊر نظر اچي ٿو.
وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ لاءِ ڪا خاص تياري به نظر نٿي اچي، جنهن سبب پارٽي احتجاج کان پوئتي هٽي رهي آهي.
هن پي ٽي آءِ کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن همت آهي ته اسلام آباد اچي لانگ مارچ ڪري.
عطا تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا جي سمورين سياسي جماعتن تي دهشتگردن حملا ڪيا آهن، جڏهن ته سندس دعويٰ موجب صوبائي حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي کان پاسو ڪري رهي آهي.
هن چيو ته امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي آئيني ۽ انتظامي ذميواري آهي.
هوڏانهن، پي ٽي آءِ اڳ ئي 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ جاري رکڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته احتجاج پرامن هوندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي تازي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي عوامي روڊن، شاهراهن يا ٻين هنڌن تي قبضو ڪري شهرين جي آزاد اچ وڃ ۾ رنڊڪ وجهڻ جو قانوني حق حاصل ناهي.

You might also like