مدي خارج سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مدي خارج سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري ڪيل موبائيل سمون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي سندس صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن پنجاب جي ماڊل ٿاڻن جي طرز تي سموري ملڪ ۾ ماڊل نادرا آفيسون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.
گهرو وزير چيو ته پنجاب ۾ ماڊل ٿاڻن جي قيام سان عوام کي سهولت سان گڏ پوليس جي ساک ۾ بهتري آئي آهي.
محسن نقوي چيو ته ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ جي فيس ختم ڪئي پئي وڃي، پيدائش، موت، شادي ۽ خلاق جي سرٽيفڪيٽن لاءِ يونين ڪائونسل آفيسز سان گڏجي سولو نظام متعارف ڪرايو ويندو.
گهرو وزير هدايت ڪئي ته شهرين جي ڊيٽا جي مڪمل حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام جي سهولت لاءِ موبائيل پليٽ فارمز تي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن.
اجلاس دوران وفاقي گهرو وزير مدي خارج شناختي ڪارڊن تي جاري ڪيل موبائيل سمون بند ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.