نيوزيلينڊ خلاف سيريز، پاڪستان جي امڪاني پليئنگ اليون سامهون اچي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.
بابر اعظم جي قيادت ۾ تجربيڪار رانديگر محمد عامر ۽ عماد وسيم جي واپسي سان پاڪستان وٽ هڪ مضبوط اسڪواڊ آهي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ عماد وسيم جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو هو، سندس نمايان ڪارڪردگي اسلام آباد يونائيٽڊ کي ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻايو.
ٻئي پاسي مائيڪل بريسويل نيوزيلينڊ جي ڪپتاني ڪندو جيڪو ڪيترن ئي اهم رانديگرن جي کوٽ باوجود مقابلي لاءِ بيچين آهي.
واضح رهي ته ڪين ولمسن، راچن رويندرا، مچل سينٽنر ۽ ٻيا ڪيوي رانديگر آءِ پي ايل جي ڪري سيريز جو حصو ناهن.
ذريعن موجب، پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرئين مقابلي لاءِ ڪيويز خلاف پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ بابر اعظم ڪپتان، صائم ايوب، محمد رضوان، فخرزمان، اعظم خان ( وڪيٽ ڪيپر ) افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، محمد عامر، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريديءَ جي شموليت جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.