پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز اڄ کان شروع ٿيندي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.
بابراعظم جي اڳواڻي ۾ تجربيڪار رانديگر محمد عامر ۽ عماد وسيم جي واپسي سان پاڪستان وٽ مضبوط اسڪواڊ آهي.
پي ايس ايل جي نائين سيزن ۾ عماد وسيم جي شاندار ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي وئي هئي.
ٻئي پاسي مائيڪل بريسويل نيوزيلينڊ جي ڪپتاني ڪندو جيڪو ڪيترن ئي اهم رانديگرن جي کوٽ باوجود مقابلي لاءِ بيچين آهي.
واضح رهي ته ڪين ولمسن، راچن رويندرا، مچل سينٽنر ۽ ٻيا ڪيوي رانديگر آءِ پي ايل جي ڪري سيريز جو حصو ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.