آمريڪا دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو: ميٿيو ملر

واشتنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن هٿان نقصان ڀوڳيو آهي ۽ اسان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا.
ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته طالبان يقيني بڻائين ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته عالمي قانوني حيثيت لاءِ طالبان کي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻا پوندا، افغانستان انهن دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهه نه بڻجي.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.