موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ برسات بابت اپ ڊيٽ جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جاري رهندي .
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ تيز برسات جو ڪو به امڪان ناهي پر هلڪي برسات اڄ رات تائين جاري رهندي
سردار سرفراز جو چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به اڄ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو.
هن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ ٽن ڏينهن تائين برسات رهندي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪي پي ۾ به برسات جاري آهي، جڏهن ته ڪي پي بعد برسات جو سلسلو پنجاب ۾ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.