ايڇ آر سي پي جو جميل عمر جي جبري گمشدگيءَ تي ڳڻتي جو اظهار، آزاديءَ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ( ايڇ آر سي پي ) اڻڄاتل هٿياربندن طرفان بلوچ سول سوسائٽي جي ڪارڪن جميل عمر جي جبري گمشدگيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ايڇ آر سي پي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، جميل عمر جي گاڏي تي تربت ويندي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ کيس کنڀي گم ڪيو ويو.
ايڇ آر سي پي طرفان جميل عمر جي آزادي ۽ ملوث عنصرن جي سڃاڻپ ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.