حيدرآباد: فحش مواد شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻو گرفتار

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) حيدرآباد ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم پاران فحش مواد شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عورت شڪايت ڪئي هئي ته نادر پير بخش نالي شخص واٽس اپ ۽ فيس بڪ ذريعي فحش وڊيوز شيئر ڪري رهيو آهي.
ايس ايڇ او طارق لاشاري سائبر ڪرائم جي ٽيم سان گڏجي جوابدار کي گرفتار ڪري اليڪٽرنڪ سامان هٿ ڪري ورتو.
نادر پير بخش کان هٿ آيل فون ابتدائي ٽيڪنيڪل رپورٽ لاءِ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ٽيڪنيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته درخواستگذار جا الزام درست آهن.
ايس ايڇ او سائبر ڪرائم موجب جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.