پيپلز بس سروس جون 6 بسون ميرپور خاص پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران ميرپورخاص جي شهرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ورتو، پيپلزبس سروس جون 6 بسون پهچايون ويون.
ميرپورخاص ۾ 20 اپريل ڇنڇر کان پيپلز بس سروس پڻ شروع ڪئي پئي وڃي، شروعاتي طور تي 6 بسون ميرپورخاص پهچايون ويون آهن
ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جيان هاڻي ميرپورخاص جي شهرين پيپلز بس سروس جو تحفو ڏنو ويو .
ميرپورخاص ۾ پيپلز بس 14 ميٽر ڊگھي ۽ 30 سيٽن تي مشتمل آهي ۽ هڪ بس ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو بيهي سگهن ٿا،جڏهن ته مردن، عورتن ۽ معذورن لاءِ الڳ سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن
بس اسٽاپ ۽ رستن بابت معلومات بس جي اندر اسڪرين تي ڏني ويندي
ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪري ميرپورخاص شهرين کي خوشخبري ڏني هئي.
ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر عبدالرئوف غوري آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڇنڇر 20 اپريل تي صوبائي ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.