ملت ايڪسپريس واقعو، شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ ڪانسٽيبل بي ڏوهه قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ۽ قتل جي واقعي جي شروعاتي جاچ رپورٽ مڪمل ڪئي وئي، انڪوائري ڪميٽي رپورٽ ڊرافٽ ريلوي چيئرمين ۽ آءِ جي ريلوي کي موڪلي ڇڏيو.
انڪوائري رپورٽ موجب عورت جي موت ۾ ڪانسٽيبل مير حسن جو ملوث هجڻ ثابت نه ٿي سگهيو پر رپورٽ ۾ ڪانسٽيبل کي عورت تي تشدد ج ذميوار قرار ڏنو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورت جو موت ٽرين مان ڪِرڻ يا ٽپو ڏيڻ سان ٿيو، هن ٽپو ڏنو يا حادثاتي طور ڪِري اهو واضح ناهي ٿي سگهيو.
رپورٽ موجب ملت ايڪسپريس واقعي ۾ ايس ايڇ او عورت مريم بي بي سان نه ملاقات ڪئي نه ئي عورت ڪانسٽيبل کي مقرر ڪيو، اي ايس آءِ تنوير احمد به معاملي کي نبيرڻ ۾ ناڪام رهيو، ايس ايڇ او غلام حسين بروهي ۽ اي ايس آءِ تنوير احمد فرضن ۾ ڪوتاهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.