نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان ويڙهه نه ڪرڻ گهرجي.
ڪرتارپور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سڀني ڀائرن ڀينرن کي ڀليڪار چوان ٿي، نواز شريف اوهان سڀني کي مبارڪون موڪليون آهن، مون کي افسوس آهي ته هو مون سان گڏ نه اچي سگهيو، پنجاب ته اسان جي دل ۾ رهندو آهي.
مريم نواز ٻڌايو ته مون هدايت ڪئي آهي ته اوهان کي ڪا تڪليف نه پهچڻ گهرجي، اڄ مون کي منهنجو ڳوٺ ياد اچي ويو، منهنجو ڏاڏو ڀارت جي جاتي امرا مان سان واسطو رکندڙ هو، پوءِ هو پاڪستان آيو، هڪ ڀيري ڀارت مان ڪو جاتي امرا جي مٽي کڻي آيو، ان کي مان پنهنجي ڏاڏي جي قبر تي رکيو.
وزيراعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته جڏهن مان وزيراعليٰ بڻيس ته ڀارت جي پنجاب مان به مبارڪون مليون، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ پنجاب جي ماڻهن منهنجي وزيراعليٰ بڻجڻ تي جشن ملهايو.
هن چيو ته اسان پهريون ڀيرو بيساکي جو ڏڻ سرڪاري طور تي ملهائي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت ۾ سک کي وزير بڻايو ويو، مان بيساکي جو ڏڻ ملهائي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.
سندس چوڻ هو ته منهنجي دل چوندي آهي ته پاڪستاني پنجابي به فخر سان پنجابي ٻولي ڳالهائين، سوچي رهي آهيان ته اهڙن مقدس ماڳن تي سٺا هوٽل ٺهرايون ۽ سهولتون فراهم ڪريون. سڀني سکن لاءِ پاڪستان جا در کليل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.