”ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته اسان سُتا پيا آهيون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته اسان سُتا پيا آهيون.
پرڏيهي وزارت ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جو خاص اجلاس ٿي رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مان ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خاص اجلاس ۾ شرڪت ڪنداسين، ورلڊ اڪنامڪ فورم اجلاس کانپوءِ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جو گيمبيا ۾ اجلاس آهي، 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيندو، مان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندس.
هن چيو ته او آءِ سي سربراهي اجلاس 4 ۽ 5 مئي تي ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، او آءِ سي اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جو معاملو اٿاريندو، اسان غزا ۾ جنگبندي چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته گذريل رات ڀائيوارن سان پرڏيهي وزارت ۾ اجلاس ٿيو، افغان پرڏيهي وزير مبارڪباد جي فون ڪئي ته دوري جي دعوت به ڏني، وقت اچڻ تي افغانستان جو دورو ضرور ڪندس.
ڀارت طرفان پاڪستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان ناهي ته ان جو مطلب اهو ناهي اسان ستا پيا آهيون.
اسحاق ڊار چيو ته سعودي عرب جي وفد جو پاڪستان دورو سٺو سنئوڻ آهي پر ڪجهه سياسي جماعتون ان دوري تي سياست ڪري رهيون آهن، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.
ايراني صدر جي پاڪستان جي حوالي سان هن چيو ته اهو اڳ کان طئي ٿيل هو، اسرائيل جي صورتحال هاڻ پيدا ٿي آهي، ان جو دوري سان ڪو واسطو ناهي، ايراني صدر جو دورو 22، 23 ۽ 24 اپريل تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.