واٽس ايپ ۾ هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم جاري آهي، جيڪو ڪجهه حد تائين فيس بڪ جي برٿ ڊي رِمائنڊرز جيان ڪم ڪندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ بيٽا ورزن ۾ برٿ ڊي رِمائنڊر فيچر سامهون آيو آهي، جنهن تحت واهپيدارن کي محفوظ ڪيل ڪانٽيڪٽس ۾ شامل دوستن ۽ مٽن مائٽن جي سالگرهه بابت ياد ڏياريو ويندو.
هن فيچر جو مقصد واهپيدارن کي مختلف ڪيلينڊر ايپس تي ڀاڙڻ بدران واٽس ايپ اندر ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن جون سالگراهيون ياد رکڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
رپورٽ موجب، سالگرهه جي موقعي تي لاڳاپيل فرد کي واٽس ايپ جي رابطا نمبرز واري ٽيب ۾ ڪيڪ ايموجي ۽ برٿ ڊي جي نشاني سان نمايان ڪيو ويندو، جنهن سان واهپيدار سڌو سنئون چيٽ کوليندي سالگرهه جي واڌائين وارو پيغام موڪلي سگهندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ او ايس ڊوائيسز ۾ پراڻي اپ ڊيٽس ٽيب جي جاءِ تي نئين ڪانٽيڪٽس ٽيب متعارف ڪرائڻ تي پڻ ڪم جاري آهي، جتي برٿ ڊي رِمائنڊر فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
هن فيچر لاءِ اِها ڊيٽا استعمال ڪئي ويندي جيڪا واهپيدارن يا سندس ڪانٽيڪٽس واٽس ايپ اڪائونٽ سان لاڳاپيل طور فراهم ڪندا. يعني جيڪڏهن ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ پنهنجي سالگرهه جي تاريخ واٽس ايپ تي دستياب نه ڪرائي آهي ته برٿ ڊي رِمائنڊر ان تاريخ بابت ياد ڏيارڻ جي قابل نه هوندو.
رپورٽ موجب، في الحال هي فيچر تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ بيٽا ورزن استعمال ڪندڙ سڀني ماڻهن لاءِ پڻ دستياب ناهي.
ان ڪري امڪان آهي ته باضابطا طور متعارف ڪرائڻ کان اڳ ان ۾ وڌيڪ تبديليون ڪيون وڃن.
واٽس ايپ دوستن، ساٿين ۽ مٽن مائٽن کي ويجهو آڻڻ جو پهه ڪري ورتو، اهم فيچر متعارف
You might also like