رياض (ويب ڊيسڪ(سعودي عرب جي مفتي اعظم ۽ مجلس علماءَ جي سربراهه شيخ صالح بن فوزان الفوزان حوثي باغين جي حملن جي مقابلي ۾ سعودي ۽ اتحادي فوجن کي ثابت قدم رهڻ ۽ صفن ۾ اتحاد برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.
شيخ صالح بن فوزان الفوزان حوثي باغين کي سعودي عرب جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏيندي سندن ڪارروائين جي مذمت ڪئي.
پنهنجي بيان ۾ سعودي مفتي اعظم محاذ تي موجود سعودي فوجين ۽ اتحادي فوجن کي متحد ٿي حوثي حملن جو مقابلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين صبر، ايمان ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجو مشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
هن سعودي فوجين جي ملڪ ۽ عوام جي دفاع لاءِ ادا ڪيل ذميواري کي اهم قرار ڏيندي اهلڪارن کي فرضن جي ادائيگي دوران الله تي ڀروسو رکڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
”الله تي توڪل رکو ۽ ثابت قدم رهو“، حوثي حملن کي منهن ڏيندڙ سعودي فوجين کي مفتي اعظم جي هدايت
You might also like