مسلسل واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ پاڪستان سون جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ سون جو اگهه 1700 سئو رپيا گهٽجڻ کانپوءِ في تولو سون ٻه لک 50 هزار 2 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1458 رپيا لاٿ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ 2 لک 14هزار 506 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 17 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2395 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.