ايشين گيمز: پاڻمرادو ايشيا جي ”ٻه نمبر“ ٽيم افغانستان کي نيپال هٿان اَپ سيٽ شڪست

نِشين(ويب ڊيسڪ)جپان ۾ جاري ايشين گيمز مينز ڪرڪيٽ مقابلي ۾ نيپال افغانستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيشن ۾ کيڏيل گروپ اي جي ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنسون ٺاهيون.
افغانستان طرفان فيصل خان احمدزئي ۽ نجيب الله زدران 30، 30 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ننگياليا خان 17 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
نيپال جي لاليت راج بنشي ۽ ڪُشل ڀرتيل شاندار بالنگ ڪندي 3، 3 وڪيٽون ورتيون.
افغانستان طرفان مليل 103 رنسن جو هدف نيپالي ٽيم 18 هين اوور جي ٻئي بال تي 5 وڪيٽون وڃائي حاصل ڪري ورتو.
نيپال طرفان روهت پاوڊيل 33 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته سنديپ جورا 34 ۽ ديپيندرا سنگهه ايري 15 رنسون ٺاهيون.
افغانستان جي فريدون دائودزئي، عبدالله احمدزئي ۽ عرب گل هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like