آمريڪا ۽ برطانيا ايران تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ برطانيا ايران تي نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي ناڻي واري کاتي ايران جي 16 شخصيتن ۽ 2 ڪمپنين تي پابنديون لڳايون آهن.
آمريڪا جي ناڻي واري کاتي موجب پابندين ۾ شامل ڪمپنين اسرائيل تي حملي ۾ استعمال ٿيندڙ ڊرونز جا انجڻ ٺاهيا هئا.
ٻئي پاسي برطانيا 7 ايراني شخصيتن ۽ 6 ڪمپنين تي پابنديون لڳايون آهن، برطانوي حڪومت موجب پابندين ۾ شامل ماڻهن ۽ ڪمپنين جو تعلق ايراني ميزائل ۽ ڊرون ٺاهڻ وارن فيڪٽرين سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.