ڀارت: حجاب جي ڪري عورتن کي ريسٽورنٽ مان ڪڍيو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه جي هڪ مشهور ريسٽورنٽ ۾ باحجاب عورتن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب اهو واقعو دهلي جي ڏکڻ علائقي ۾ مليه اسلاميه يونيورسٽي ڀرسان نيو فرينڊز ڪالوني جي ماربيه ڪيفي ۾ لنچ ٽائم دوران پيش آيو.
مسلم عورتن ٻڌايو ته اسان چار ڪوليگز سدائين برقعو پائي آفيس اينديون آهيون ۽ لنچ ڪرڻ لاءِ ريسٽورنٽ جي هڪ ٽيبل بُڪ ڪرائڻ چاهي ته اسان کي جواب ڏنو ويو ريسٽورنٽ ۾ برقعو لاهي وڃڻو پوندو.
عورتن جي بقول اسان جڏهن ڪارڻ پڇيو ته چيو ويو اها ريسٽورنٽ جي پاليسي آهي، تي ڪنهن به مذهبي علامت جي اظهار جي اجازت ناهي ڏني ويندي ۽ جڏهن اسان برقعو ۽ حجاب لاهڻ کان انڪار ڪيو ته عملي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
متاثر عورتن ريسٽورنٽ جي پاليسي کي مذهبي آزادي جي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته عملي جي بدتميزي سان ثابت ٿيو ته مودي سرڪار ۾ ڪا اقليت ڪنهن جي هٿان به محفوظ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.