همراهه عيدي ۾ اٺ کي 500 ريال کارائي ڇڏيا، پوليس ڇا ڪيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ اٺ کي 500 ريال جو نوٽ عيدي ۾ کارائڻ شهري کي ڳچي ۾ پئجي ويو.

عيد جي موقعي تي اُٺ کي 500 ريال جو نوٽ کارائيندڙ سعودي شهري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

شهري اُٺ کي 500 ريال جو نوٽ کارائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته مون اٺ کي عيد ڏني آهي.

بعد ۾ اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي پوليس سعودي شهري کي گرفتار ڪري ورتو.

ياد رهي ته سعودي عرب ۾ قومي ڪرنسي کي تباهه ڪرڻ تي سزا ملندي آهي ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو آهي.

سعودي قانون موجب، ڪرنسي نوٽ هڪ سرڪاري دستاويز آهي، جنهن کي تباهه ڪرڻ، خراب ڪرڻ يا ڦاڙڻ تي 3 کان 5 سال قيد ۽ 3000 کان 10000 ريال ڏنڊ جي سزا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.