پنڊي ۾ برسات پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ٿيڻ نه ڏني

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي.
راولپنڊي ۾ برسات سبب ٽاس دير سان ٿيو، ڪيوي ڪپتان مائيڪل بريسويل اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ٽاس کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مينهن وسيو ۽ پهرين اننگز شروع ٿيڻ ۾ دير ٿي، وقفي وقفي سان جاري برسات کانپوءِ ميچ جي ٻنهي اننگز کي 5-5 اوورن تائين محدود ڪيو.
نيوزيلينڊ جي اننگز جي ٻن بالن کانپوءِ وري برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب ميچ ختم ڪئي وئي.
ڪيوي ٽيم ٻن بالن تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٻه رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ٽم روبنسن کي بولڊ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.