واٽس ايپ ۾ چيٽ جي پي ٽي جهڙو اي آءِ چيٽ بوٽ استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

ميٽا جنريٽيو آرٽي فيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي کي پنهنجي ايپس ۾ شامل ڪرڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.
ان مقصد لاءِ ڪمپني ميٽا اي آءِ نالي چيٽ بوٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ميسنجر ۽ واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو هو.
چيٽ جي پي ٽي جهڙو هي چيٽ بوٽ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڪجهه ملڪن ۾ واٽس ايپ جي محدود واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
هن چيٽ بوٽ ذريعي ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ هي اهڙو سوال آهي جيڪو ڪيئي واهپيدارن جي ذهن ۾ آيو هوندو انڪري اسان اوهان کي ان جو جواب هتي ٻڌائي رهيا آهيون.
هي چيٽ بوٽ ڪنهن به موضوع تي ڪيل سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو، اوهان ان کان درخواستون، ڪهاڻيون ۽ گهڻو ڪجهه لکرائي سگهو ٿا، جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ هي مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحيت به حاصل ڪري وٺندو، ان کانسواءِ هي فيچر اي آءِ تي ٻڌل تصويرون تيار ڪرڻ ۾ پڻ مدد فراهم ڪندو.
هي چيٽ بوٽ ميٽا جي لارج لينگوئج ماڊل لاما تي ٻڌل آهي ۽ جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته محدود واهپيدارن کي دستياب آهي.
واٽس ايپ ۾ اي آءِ فيچر ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو؟
ان لاءِ سڀ کان پهرين فون ۾واٽس ايپ کي اَپ ڊيٽ ڪريو.
ان کانپوءِ واٽس ايپ اوپن ڪريو ۽ اسڪرين تي ڏسو ته ساڄي پاسي هيٺ پلس واري نشان جي مٿان هڪ ڄمون ڪلر جو دائرو نظر اچي رهيو آهي يا نه، يا ڪائي به چيٽ اوپن ڪري چيٽ فيلڊ تي @ لکي ڏسو ته ميٽا اي آءِ لکيل نظر اچي رهيو آهي يانه.
جيڪڏهن دائري يا چيٽ ۾ اي آءِ جو نالو نظر ناهي اچي رهيو ته ان جو مطلب آهي ته اڃا اوهان کي ان چيٽ بوٽ تائين رسائي ناهي ڏني وئي.
جيڪڏهن دائرو نظر اچي رهيو آهي ته ان تي ڪلڪ ڪرڻ تي ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ جي ونڊو اوپن ٿي ويندو جنهن تي اوهان مختلف سوال يا هدايتون لکي سينڊ ڪلڪ ڪريو.
ائين ڪرڻ تي اي آءِ چيٽ بوٽ ڪم ڪرڻ لڳندو ۽ چيٽ ونڊو جي اندر ان جو جواب نظر ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.