پشين ۾ جي يو آءِ جو جلسو، انتظاميا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

پشين (ويب ڊيسڪ) پشين ۾ جي يو آءِ جي جلسي کان اڳ انتظاميا ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
ڊپٽي ڪمشنر موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ٿريٽ الرٽ وصول ٿيو آهي، اڻڄاتل دهشتگرد جي يو آءِ جي جلسي کي نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، ٿريٽ الرٽ کان صوبائي امير مولانا عبدالواسع کي آگاهه ڪري چڪا آهيون.
ڊي سي جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ قيادت امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جلسو ملتوي ڪري.
واضح رهي ته 20 اپريل تي مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ پشين ۾ جلسو ٿيڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.