ڳالهه جو ڳالهوڙو بڻايو ويو آهي: مومنا اقبال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽرز بابت سوشل ميڊيا تي ميسيجز موڪلڻ واري معاملي تي مومنا اقبال تازو پنهنجي اسٽوري شيئر ڪئي آهي.

رپورٽس موجب اداڪارا مومنا اقبال گذريل ڏينهن ۾ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ڪرڪيٽر کيس ميسيج موڪليندا آهن؟ ان جي جواب ۾ مومنا اقبال به انڪشاف ڪيو ته کيس ڪرڪيٽرز جا ميسيج ايندا آهن جنهن تي سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا شروع ٿي ويا.

تازو فوٽواينڊ وڊيوشيئرنگ ايپ انسٽاگرام جي اسٽوري تي مومنا اقبال اسٽوري رکي آهي ته سندس وڊيوڪلپ وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ سندس ڳالهه کي مختلف رنگ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته کيس پيغام موڪلڻ وارا ڪيڪيٽر کيس حراسان ناهن ڪندا پر سلام دعا جا ميسيج ڪندا آهن جنهن کانپوءِ هو مختلف پارٽيز ۾ ملندا آهن ته ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سندس ڳالهه کي ڳالهڙو بڻايو ويو آهي، ڪنهن به ڪرڪيٽر جو نالو ناهي کنيو ان لاءِ ڪي به پيجز پنهنجي مشهوري لاءِ سندس ڪيل ڳالهه جو غلط استعمال نه ڪن. جيئن ڪوئي ڪرڪيٽر کيس تنگ ڪري به هان ته هوءَ جواب ڏئي ڇڏي هان. ان لاءِ سندس ڳالهه کي اهڙو رنگ نه ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.