ڊپ هو ته گهروارن کي ٻڌائيندي: ڪوٽڙي ۾ آسيا هزارا جو قاتل مائٽ نڪتو

ڪوٽڙي: (ن ع آ) 10 ڏينهن اڳ هڪ بند پيل جاءِ تان نينگري آسيا هزارا جو لاش مليو هو جنهن جو قاتل سندس ويجهو مائٽ نڪتو آهي.

اهڙي دعويٰ ايس ايس پي ڄامشورو کيس گرفتار ڪري ڪئي آهي.

پوليس موجب محمود شاهه ڪالوني ۾ پيش آيل واقعي جي جوابدر نويد مغل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ۽ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته شئي وٺي ڏيڻ بهاني نينگري کي وٺي ويس ۽ سندس سونيون واليون لاهي ڇڏيون، نينگري چيو ته هو گهر وڃي سڀني کي ٻڌائيندي جنهن ته کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.